22

نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ، نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 14 مئي تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي بينچ ۾ شامل آهن.

ان کانسواءِ سرڪاري يونيورسٽيز ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 15 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.

سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان وائيس چانسلرز جي مقرري تي رپورٽ طلب ڪئي هئي، وي سيز جي مقرري جو معاملو مالاڪنڊ يونيورسٽي اسٽاف جي سروس اسٽرڪچر بابت ڪيس ۾ سامهون آيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں