27

پاڪستان جي پهرين خلائي مشن “ آءِ ڪيوب قمر” مان پهرين تصوير موصول

اسلام آباد: چنڊ جي مدار ۾ پهتل پاڪستان جي پهرين خلائي مشن “ آءِ ڪيوب قمر” مان پهرين تصوير موصول ٿي وئي.

چيني خلائي مرڪز، خصوصي تقريب ۾ “ آءِ ڪيوب قمر” جي تصوير پاڪستاني سفير حوالي ڪئي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ڪيو قمر سمورن پيرا ميٽرز مطابق ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ چنڊ جي پهرين تصوير زمين تي موڪلي آهي.

چين جي خلائي مشن “ چينگ اِي سِڪس جي سهڪار سان پاڪستان جو خلائي مشن “ آءِ ڪيوب قمر ” چنڊ جي مدار ۾ 2 ڏينهن اڳ داخل ٿيو هو.

ان کانپوءِ اڄ سپارڪو کي سيٽلائيٽ تان پهرين تصوير موصول ٿي آهي، سپارڪو موجب آءِ ڪيوب قمر چنڊ جي چوڌاري 3 چڪر لڳايا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں