29

موسميات کاتي طرفان مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي:موسميات کاتي طرفان مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب، سنڌ، پنجاب جي مختلف شهرن جيڪب آباد، دادو، سکر، نواب شاهه، حيدرآباد سميت ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ بهالپور ۾ گرميءَ جي شدت اڄ به برقرار رهندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته لاهور، راولپنڊي، سرگوڌا، گوجرانوالا، جيڪب آباد، سکر، ڪشمور قلات ۽ زيارت جي ڪجهه علائقن ۾ آنڌاري ۽ برسات ٿي سگهي ٿي .

ان کانسواءِ پشاور، سوات، مالاڪنڊ، ڪرم ۽ وزيرستان سميت خيبرپختونخوا جي مختلف حصن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں