26

پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد کي وڏو جھٽڪو

لاهور: پنجاب اسيمبليءَ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ مخصوص ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.

اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخصوص سيٽون معطل ڪيون ويون.

عورتن ۽ اقليتن جون اِهي 27 مخصوص سيٽون حڪومت اتحاد کي مليون هيون، ن ليگ جا 23 ميمبر معطل ٿيا جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انگ 203 آهي.

اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان مخالف ڌر اڳواڻ راڻا آفتاب جو مخصوص سيٽن تي پوائنٽ آف آرڊر درست قرار ڏنو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي ڪوٽا جون سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں