33

سردار سليم حيدر خان گورنر پنجاب جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

لاهور: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سردار سليم حيدر خان پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻي ورتو .

گورنر پنجاب جي حلف برداري تقريب لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس سردار سليم حيدرخان کان حلف ورتو .

سردار سليم حيدر جو واسطو اٽڪ ضلعي سان آهي ۽ هو اڳوڻو وفاقي وزير به رهيو آهي، ان کانسواءِ هو پ پ راولپنڊي ڊويزن جو صدر پڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں