90

وزيراعظم پاران عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان سلسلي ۾. گهرو وزارت طرفان وزيراعظم کي اڳوڻي وزيراعظم جي سڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي هر صورت ۾ بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. زيراعظم اڳوڻي وزيراعظم کي فوري طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم سمورن صوبائي حڪومتن کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جلسي دوران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.ان حوالي سان گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت جي حڪمن جي روشني ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو آهي.پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي لاءِ مقرر ڪيل سيڪيورٽي فورسز جي مقرري تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں