19

شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏني وئي

لاهور : وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏني آهي.
وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ هائر ايجوڪيشن سيڪٽر رفارمز بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزير اعليٰ کي هائر ايجوڪيشن جي فروغ لاءِ،ليپ ٽاپ ۽ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم جي منظوري ڏيندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 7 سال بعد ٻيهر جديد ترين ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، صوبي جي شاگردن کي 20 هزار اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون به ڏئي رهيا آهيون.
وزير اعليٰ جو چوڻ هو ته هر ضلعي ۾ بين الاقوامي معيار جي يونيورسٽي ۽ تعلقي جي سطح تي ڪاليج اسان جو هدف آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں