26

لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات، مختلف حادثن دوران 17 ڄڻا زخمي

لاهور: لاهور ۽ فيصل آباد سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رات دير سان تيز هوائن سان برسات پئي جنهن دوران مختلف حادثن دوران 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موسميات کاتي موجب اڄ به اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن فيصل آباد سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رات دير سان تيز هوائن سان برسات پئي جنهن دوران مختلف حادثن ۾ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۽ وزيرستان ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.

موسميات کاتي موجب مٿانهين سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي تيز هوائن سان هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. وڌيڪ برسات ۽ طوفان جو سلسلو آچر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں