26

آصف زرداري کي صدارتي ڇوٽ ملي وئي، احتساب عدالت ڪارروائي روڪي ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ۽ توشه خانه گاڏين جي ريفرنس ۾ آصف زرداري جي خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي.

صدر آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ ملي وئي، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا صدر آصف زرداري جي نيب ڪيسز ۾ صدارتي ڇوٽن جي درخواستن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت صدر آصف علي زرداري جي خلاف ڪارروائي روڪيندي پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ لکيو ته جيستائين آصف علي زرداري صدر آهي انهي جي خلاف ڪيسز جي ڪارروائي اڳيان نٿي وڌي سگهي.

آصف علي زرداري طرفان آئين جي آرٽيڪل 248(2) جي تحت درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف زرداري جيستائين صدر آهي ڪيسز جي ڪرمنل ڪارروائي جاري نٿي رهي سگهي، هنن درخواستن تي پراسيڪيوشن طرفان ڪوبه اعتراض نه ڪيو ويو ۽ نه ئي مخالفت ڪئي وئي.

احتساب عدالت قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 248(2) جي تحت صدر آصف علي زرداري جي خلاف نه ڪو ڪيس ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي جاري رهي سگهي ٿي. ان ڪري صدر آصف علي زرداري کي ڪيسز مان صدارتي ڇوٽ حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں