25

پاڪ فوج ۾ اهم ترقيون ۽ مقرريون، 3 ميجر جنرلز جي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

راولپنڊي: پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي ترقين ۽ مقررين جي اهم مرحلي ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري، ميجر جنرل عمر بخاري ۽ ميجر جنرل عنايت حسين کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي ترقي ڏني وئي.

رپورٽ موجب ميجر جنرل عمر بخاري کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي جنهن کان پوءِ کيس پشاور ۾ قائم اليون ڪور جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات خان انهي عهدي تي فرض انجام ڏئي رهيو هو جنهن جي هاڻ بدلي ڪئي وئي آهي.

ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات خان آگسٽ 2022 کان پشاور ڪور ڪمانڊر جي طور تي خدمتون انجام ڏئي رهيو هو نومبر ۾ کيس ريٽائرڊ ٿيڻو هو، ڪنهن به پوسٽنگ جو مدو عام طور تي 2 سال هوندو آهي ان ڪري جنرل حسن اظهر حيات جي ريٽائرمينٽ کان ڪجهه مهينا اڳ بدلي حيران ڪندڙ آهي.

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اليون ڪور جي ڪمان ۾ تبديلي جو تعلق افغانستان جي سرحد سان لاڳاپيل علائقن ۾ سيڪيورٽي جي خراب ٿيندڙ صورتحال ٿي سگهي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نئين پوسٽنگ هڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آئي جڏهن ته آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ڪريلا دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ڪارروائين تي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي سرحد  کان لاڳاپيل صوبي خيبرپختونخواهه جي ڪيسن جو دورو ڪيو هو.

پشاور ۾ نئون ڪمانڊر ميجر جنرل عمر بخاري ان کان اڳ جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ وائس چيف آف جنرل اسٽاف(الفا) جي طور تي خدمتون انجام ڏئي رهيو هو. پشاور ۾ نئين ڪور ڪمانڊر جي مقرري به خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت حڪومت ۽ اتان جي عسڪري قيادت وچ ۾ نازڪ لاڳاپن ۾ تبديلي جو باعث بڻجي سگهي ٿي.

ان کان علاوه هڪ ٻئي اهم مقرري ٿي جنهن ۾ چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل نعمان ذڪريا کي  ڪجهه ڏينهن اڳ منگلا ڪور جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو هو. ليفٽيننٽ جنرل ايمن بلال صفدر طرفان اڻڄاتل سببن جي ڪري وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ جي چونڊ ڪرڻ کان پوءِ اهو عهدو خالي هو.

هڪ تازي  پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري ليفٽيننٽ جنرل ايمن بلال صفدر جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ بابت هڪ سوال جو جواب ڏنو هو. هن وضاحت ڪئي هئي ته فوج ۾ خود احتسابي، سخت ۽ چيليجنگ پر شفاف عمل آهي. جڏهن به قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي بدعنواني يا ڪوبه مسئلو هوندو آهي احتسابي عمل حرڪت ۾ ايندو آهي. اسان هڪ مضبوط اندروني احتساب جي نظام کي برقرار رکندا آهيون جيڪو مختلف ڊومينز ۾ لاڳيتو ڪم ڪندو آهي.

چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف ۾ ليفٽيننٽ جنرل نعمان ذڪريا جي جڳهه هڪ ٻئي نئين ترقي ماڻيندڙ آفيسر ليفٽيننٽ جنرل عنايت حسين کي مقرر ڪيو ويو جنرل عنايت حسين وائس چيف آف جنرل اسٽاف(براوو) جي طور تي خدمتون انجام ڏيندڙ ميجر جنرل هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي في الحال آءِ ايس پي آر ۾ برقرار رکيو ويو. جنرل احمد شريف جو تعلق ڪور آف اليڪٽريڪل اينڊ مڪينيڪل انجنيئرز سان آهي ۽ اي ايم اي جا تمام گهٽ آفيسر ٿري اسٽار رينڪ تائين پهتا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں