26

پي ٽي آءِ جون ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: اسد قيصر

پشاور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر پي ٽي آءِ سان ڳالهين وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ جون ڪنهن  سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، 9 مئي کي بهانو بنائي اسان کي نشانو بنايو ويو آهي.

اسد قيصر چيو ته ملڪ تڏهن اڳيان وڌندو جڏهن قانون جي عملداري ٿيندي هڪ پارٽي کي فائدو ڏئي جعلي حڪومت ٺاهي وئي اسان پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته خيبرپختونخواهه کي فنڊز ۽ مرضي جو چيف سيڪريٽري نه ڏيڻ افسوسناڪ آهي، صوبي کي مرضي جو چيف سيڪريٽري نه ڏيڻ فيڊريشن جي خلاف آهي. حڪمران پنهنجي ذات ۽ انا کان ٻاهر نڪرن.

هن وڌيڪ چيو ته شير افضل مروت پارٽي جو اهم ڪارڪن آهي، ان جون پارٽي لاءِ خدمتون آهن، شير افضل کي سياسي ڪميٽي مان هٽائڻ بابت مون کي خبر نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں