27

حيدرآباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڪريڪر ڌماڪو، ٽرينن جي آمد رفت معطل

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي ڪچي قلعي مڪي شاهه روڊ ڀرسان ريلوي ٽريڪ ويجهو ڪريڪر ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي دوران ريلوي ٽريڪ محفوظ رهيو پر ڪجهه دير لاءِ ٽرينن جي آمد رفت معطل رهي.

ڌماڪي جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي، اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ سي ٽي ڊي اختياريون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، پوليس موجب ڌماڪو هينڊ ڪريڪر جو هو، ريلوي ٽريڪ کي ڪوبه نقصان ناهي پهتو.

ايس پي سي ٽي ڊي موجب ڌماڪي کان پوءِ ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو پر بي ڊي ايس عملي طرفان ٽريڪ کي ڪليئر قرار ڏيڻ کان پوءِ ٽرينن جي آمد رفت بحال ڪئي وئي آهي.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب تازو ڌماڪو هڪ پابندي مڙهيل قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن جي گرفتاري جو رد عمل به ٿي سگهي ٿو، واقعي جي  وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں