107

عمران خان کي جنهن به گرفتار ڪيو، ان جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان کي جنهن به گرفتار ڪيو ان جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته نيون حد بنديون غير قانوني هيون، نيون حد بنديون مردم شماري کانپوءِ ئي ٿي سگهن ٿيون.فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جون موجوده تڪ بنديون غير قانوني آهي، فواد چوڌري چيو ته حمزا شهباز نالي ۾ وڏو وزير آهي، پنجاب وڏو صوبو آهي پر صورتحال عجيب آهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اسان مستحڪم معيشت ڇڏي ويا هئاسين پر هي ماڻهو پاڪستان کي ديوالو ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن اثاثا پرڏيهه وڃن.هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج هيٺ آهي ۽ ڊالر 193 رپين جو ٿي ويو آهي، ڏيڍ مهيني ۾ سڄي ملڪ جي معيشت کي لوڏي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں