27

سعودي شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ملتوي

اسلام آباد:  سعودي شهزادي جو اهو دورو جنهن جو پاڪستان ۾ تمام گهڻو چرچو هو اهو هاڻ هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ سرڪاري ذريعن انڪشاف ڪيو هو ته سعودي ولي عهد 19 مئي تي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ايندو پر هاڻ خبر پئي آهي ته ان جو اهو دورو ان وقت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي جيستائين ٻئي ڌريون گڏيل رضامندي سان نئون عبوري شيڊول طئي نٿيون ڪري وٺن.

سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران ڏني هئي ۽ ان کي شهزادي محمد بن سلمان قبول به ڪري ورتو هو.

اعليٰ سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته شهزادو محمد بن سلمان حج ۽ عيدالاضحيٰ کان فوري بعد پاڪستان جو دورو ڪري ان ڪري ان جو دورو جون جي ٽئين هفتي ۾ ٿي سگهي ٿو، ان جو شيڊول به عيد کان پوءِ ئي ٻئي ملڪ جاري ڪندا. شهزادو محمد بن سلمان اڳ به 2 ڀيرا پاڪستان جي دوري تي اچي چڪو آهي.

ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته جيئن ئي ان جي دوري جو شيڊول طئي ٿيندو اهو عوام جي سامهون آندو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں