25

گورنر هائوس تي قبضي جون ڳالهيون ڪندڙن کي روڊن تي گهليندس، ڪي پي ڪي جي گورنر جو علي امين کي چيلينج

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي چيو آهي ته گورنر هائوس تي قبضو ڪري ڏيکاريو، جيڪڏهن اوهان کي روڊن تي نه گهليو ته منهنجو نالو به فيصل ڪريم ڪنڊي نه آهي.

ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو هو ته مان ڪڏهن به گورنر راڄ نه لڳائيندس، وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر هائوس تي قبضي جي ڳالهه ڪئي، گنڊاپور کي چيلينج آهي، اچي قبضو ڪري ڏيکاري، مان توکي روڊن تي گهليندس.

هڪ ٻئي تقريب ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور کي جواب ڏيندي چيو هو ته اوهان پنهنجي باءِ کي جيل مان نٿا ڪڍي سگهو، جيڪڏهن قانون ٽوڙيو ويو ته اوهان کي به جيل ۾ وڌو  ويندو.

گورنر هائوس تي قبضو ڪرڻ جي بيان جي رد عمل ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته جيڪو آئين کي نٿو مڃي، ان سان ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪي چون ٿا ته اسان معافي نه گهرنداسين انهن کي معافي گهرڻي پوندي.

ياد رهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور 25 اپريل تي تقريب کي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته اهو نه صرف اسلام آباد ويندو پر پي ٽي آءِ باني کي اتان کان وٺي ايندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں