31

جيڪب آباد: سکان ڏئي واپس موٽندڙن جي بس ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 45 زخمي

جيڪب آباد:جيڪب آباد ۾ پير تيار غازي تي سکان ڏئي واپس موٽندڙن جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب جيڪب آباد ٿاڻي جي ڳوٺ بدلو سولنگي واسي سولنگي برادري جي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 22 ٻارن ۽ 15 عورتن سميت 45 ڄڻا زخمي  ٿي پيا.

حادثي ۾ فوت ٿيل جي سڃاڻپ 19 ورهين جي سچل سولنگي طور ڪئي وئي آهي.  زخمين ۾ مسمات عزيزان. عبدالحق. نبي داد، عامر علي، شوڪت علي ۽ ٻيا شامل آهن.  سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي  جڏهن ته سول اسپتال ۾ بجلي بند هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں