28

ميرپورساڪرو: نجي اسپتال ۾ ڊليوري لاءِ آندل عورت غلط آپريشن سبب فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ميرپور ساڪرو:  ميرپور ساڪور ڀرسان قريشي فارم جي رهواسڻ عورت ڊليوري دوران غلط آپريشن سبب فوت ٿي وئي جنهن کان پوءِ فوتي عورت جي وارثن سندس لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ال مصطفى ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو ۾ 25 ورھين جي عائيشا زال رشيد ملاح جو غلط آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران عورت فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام مڙهندي سندس لاش ميرپور ساڪرو ڪيٽي بندر روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي.  

ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن چيو ته گذريل ڏينهن ناري کي ڊليوري لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو جنهن جا 2 آپريشن ڪيا ويا جيڪي اسپتال جي سيکڙاٽ ماڻهن آپريشن ڪيا جنهن جي ڪري عورت فوت ٿي وئي. هنن چيو ته مصطفى اسپتال ڪوس گھر بڻيل آهي فوري طور تي اسپتال کي سيل ڪري ڊاڪٽرن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں