32

حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي، گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جون 2024 کان گيس جي قيمتن ۾ واڌ، بجلي چوري روڪڻ، ورهاستي نظام بهتر بنائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته سال 25-2024 ۾ بجلي ٽيرف جي سالياني ري بيسنگ جو نوٽيفڪيشن وقت تي جاري ڪيو وڃي. جڏهن ته پاور پرچيز ايگريمينٽس تي نظرثاني ۽ زرعي ٽيوب ويلز جي سبسڊي ۾ اصلاحات جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب جنوري 2024 تائين گيس سيڪٽر جو گردشي قرض 2083 ارب روپيه رهيو. آءِ ايم ايف سمورين ڀاڻ ڪمپنين کان گيس جي مڪمل قيمت وصول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حڪومت مختلف علائقن ۽ صنعتن لاءِ گيس جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي ۽ گردشي قرض جي روڪٿام لاءِ صارفين سان مڪمل ڪاسٽ ريڪوري جو پلان تيار ڪري ورتو آهي.

بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض 2600 ارب روپين کان وڌيڪ رهيو، حڪومت مالي سال 25-2024 ۾ گردشي قرض ۾ گهٽتائي يا اسٽاڪ برقرار رکڻ لاءِ اصلاحات جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف جون تائين بجلي سيڪٽر ۾ گردشي قرض جو 2300 ارب جو حدف پورو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. حڪومت طرفان ڪاسٽ ريڪوري لاءِ يونيفارم گيس پرائس متعارف ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته بجلي ۽ گيس ٽيرف ۾ ايڊجسٽمينٽ وقت غريب گهراڻن جو تحفظ يقيني بنايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں