38

آئي ڪيوب قمر جي ڪاميابي: پاڪستان هڪ ٻيو سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: آئي ڪيوب قمر جي ڪامياب لانچ کان پوءِ پاڪستان هڪ ٻئي سيٽلائيٽ کي لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نئون سيٽلائيٽ ايم ايم ون 30 مئي تي خلا ۾ ڇڏيو ويندو. سيٽلائيٽ جديد ترين مواصلاتي نظام جي جوڙجڪ ۾ رهنمائي ڪندو. اهو نئون سيٽلائٽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ فائيو جي ۽ انٽرنيٽ جي بهتر دستيابي کي به يقيني بنائيندو.

سيٽلائيٽ اسپارڪو ۽ نيشنل اسپيس ايجنسي طرفان خلا ۾ لانچ ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن آئي ڪيوب قمر ڪاميابي سان چنڊ جي مدار مان پهرين تصوير اماڻي هئي. هاڻ هڪ ٻيو سيٽلائٽ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں