28

جيڪي معافي جو چئي رهيا آهن اهي اسان کان معافي گهرن: عمر ايوب

فيصل آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو آهي ته جيڪي معافي جو چئي رهيا آهن اهي اسان کان معافي گهرن.

عمر ايوب فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هڪ ئي ڏينهن ۾ 10 هنڌن تي ڪيئن موجود ٿي سگهون ٿا، اسان معافي ڪنهن کان گهرون، ڇو گهرون؟ اسان جي 15 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جي معافي ڪير گهرندو، جيڪي معافي جو چئي رهيا آهن اهي پاڻ اچي اسان کان معافي گهرن.

عمر ايوب ٻڌايو ته شير افضل مروت کي تحريڪ انصاف باني جي هدايتن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. عمران خان شير افضل مروت کان اڃان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ وٺڻ جو نه چيو آهي، شوڪاز کان پوءِ پارٽي جي سياسي ڪميٽي فيصلو ڪندي.

عمر ايوب حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته هنن کان ملڪ به نه پيو هلي هنن ڪڻڪ  ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي، هن چيو ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فارم 47 جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان انهن جي خلاف پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي سان اسان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. انهن جو  نئون امير اچڻو آهي، اميد آهي ته اهو اپوزيشن الائنس جو ساٿ ڏيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں