29

زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل جو نالو حج جي ادائيگي لاءِ اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري زرتاج گل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري قانوني ڄاڻ رکندڙ سينئر آفيسر کي عدالت جي مدد لاءِ مقرر ڪري.

عدالت هدايت ڏني آهي ته اعليٰ آفيسر لاڳاپيل رڪارڊ سان گڏ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس جي حقيقتن کان واقف ڪن. حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته وڪيل موجب پٽيشنر جي خلاف احتجاج تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن جنهن کي هو منهن ڏئي رهي آهي. وڪيل ٻڌايو ته زرتاج گل ڪنهن به ڪيس ۾ مفرور يا اشتهاري نه آهي، هن ضمانتون حاصل ڪري رکيون آهن. پٽيشنر موجب انهي جو نالو اي سي ايل نو فلائي لسٽ يا پي اين آءِ ايل ۾ شامل آهي.

حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته زرتاج گل تي سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه سبب يا اخلاقي جواز موجود نه آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب گهرو سيڪريٽري کي 13 مارچ تي پي اين آئي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ڏني جنهن جو جواب نه ڏنو ويو. پٽيشن داخل ڪندڙ جي وڪيل استدعا ڪئي آهي ته زرتاج گل حج تي وڃڻ چاهي ٿي ان لاءِ درخواست تي جلد فيصلو ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں