30

پاڪستان جا مالڪ رڳو سويلين آهن، آئين بنا ڪو رستو ناهي: عارف علوي

سيالڪوٽ: اڳوڻي صدر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جا مالڪ رڳو سويلين آهن، 6 ججن آواز اٿاريو آهي، هن وقت نظرون عدليا تي آهن.

سيالڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو ته عمران خان سان منهنجو پراڻو واسطو آهي، کانئس پڇيو ته اسان بند گهٽي ۾ ناهيون هليا ويا؟ هن جواب ڏنو رستو نڪرندو، جڏهن ڪو بند گهٽي ۾ هليو وڃي ته معاملا تباهي ڏانهن ويندا آهن.

هن چيو سياسي جماعت ان لاءِ ٺاهيندا آهن ته رستو نڪرندو آهي، عمران خان ان ڪري چوندو آهي ته آئين بنا ڪو رستو ناهي، هو چوندو آ ته ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ڪو رستو ناهي ۽ ڳالهه ٻولهه حل آهي.

سندس چون هو ته پاڪستان جا مالڪ رڳو سويلين آهن، حقيقي آزادي خود مختياري سان ملندي آهي، عمران خان جيل ۾ رهندو پر ڊيل نه ڪندو.

9 مئي جي حوالي سان عارف علوي چيو ته سڄي پارٽي کي سزا ڇو پئي ڏني وڃي؟ جيڪي ماڻهو ملوث هئا ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر هڪ طرفو فيصلو نه ڪيو وڃي، اسان وٽ 9 مئي جا ثبوت آهن، پاڪستان ۾ حادثاتي جمهوريت ٺهي آهي، شرم جي ڳالهه آ ته ٻه ڪروڙ کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.

اڳوڻي صدر چيو ته 6 ججن آواز اٿاريو آهي، هن وقت نظرون عدليا تي آهن، سعودي عرب اسان جو ڀاءُ آهي ۽ ان جا وفد اچي رهيا آهن، انهن جي آجيان ڪيون ٿا، اسان سي پيڪ کي به سپورٽ ڪيون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں