79

پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي وڪيل جي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ نئين تڪبندين بابت پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس اعجاز الحق پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته درخواست تي پهريان نمبر لڳڻ ڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نمبر مقرر ٿيڻ بعد نوٽيس جاري ڪرڻ واري معاملي کي ڏسنداسين،سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي وڪيل طور ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں