73

”بس بس ختم، قيامت اڳين چوڪ تي آهي“ آغا علي به چاهت فتح علي مان تنگ

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جو مشهور اداڪار آغا علي به سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان جي فنڪاري کان پريشان ٿي ويو آهي.

پنهنجي منفرد گانن جي ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري فنڪار چاهت فتح علي خان جي نئين وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي نئين گاني جي رڪارڊنگ ڪاري رهيو آهي.

چاهت فتح علي خان جي اهڙي وڊيو تي پرستار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، اتي وري مشهور اداڪار آغا علي به خاموش نه رهي سگهيو.

آغا علي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري تي چاهت فتح علي خان جي ويڊيو شيئر ڪندي چيو ته بس بس ختم، قيامت سامهون واري چوڪ تي آهي.

ياد رهي ته چاهت فتح علي خان پنهنجي منفرد گانن جي ڪري سوشل ميڊيا تي گهڻو مشهور آهي، هن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جو ترانو به ڳايو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں