68

جناح اسپتال ۾ پوسٽ گريجوئيٽس جون سيٽون وڌائڻ جي هدايت

ڪراچي:وڏي وزير مراد علي شاهه سان جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول ملاقات ڪئي.

وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ جناح اسپتال جي خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي.

وڏي وزير جي پي ايم سي کي بهترين ادارو بڻائڻ لاءِ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر کي ضروري هدايتون ڏنيون، هن چيو ته جناح اسپتال ۾ مريضن جي انگ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ مريضن جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي جي پي ايم سي ۾ سروسز به وڌائڻيون پونديون.

پروفيسر شاهد رسول وڏي وزير کي جي پي ايم سي جي واڌاري بابت بريفنگ ڏني.

وڏي وزير جي پي ايم سي لاءِ پي جيز جون 200 سيٽون وڌائڻ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ جي پي ايم سي ۾ پي جيز جون سيٽون 953 ٿي وينديون.

وڏي وزير جي پي ايم سي ۾ پارڪنگ پلازا ٺاهڻ لاءِ پروفيسر شاهد رسول کي هدايتون ڏنيون، هن چيو هو چاهي ٿو ته جي پي ايم سي ۾ سينٽرل ويئر هائوس هجڻ گهرجي ۽ هن جي پي ايم سي ۾ ويئر هائوس قائم ڪرڻ لاءِ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر کي هدايتون ڏنيون.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته نئين بجيٽ ۾ جي پي ايم سي جي بجيٽ 2200 بيڊ جي مناسبت سان وڌائي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں