24

مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ خوشخبري: وفاقي سرڪار پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اوگرا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ لاٿ جي سمري وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اماڻي هئي. ناڻي واري وزير پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 15 روپيه 39 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي في ليٽر نئين قيمت 273 روپيه 10 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 88 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 274 روپيه 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 روپيه 54 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 161 روپيه 17 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 9 روپيه 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي تيل جي نئين قيمت 173 روپيه 48 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم شيم جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان ڪالهه رات 12 وڳي کان شروع ٿي ويو آهي. قيمتن ۾ گهٽتائي عالمي منڊي ۾ تيل جي ڪرندڙ قيمتن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں