24

جج بنجڻ لاءِ ٻٽي شهريت جي پابندي نه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جج بنجڻ جي لاءِ ٻٽي شهريت رکڻ جي پابندي نه آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ جج بنجڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت يا رهائش، رکڻ نااهليت نه آهي. ڪنهن به وڪيل کان هاءِ ڪورٽ جو جج بنجڻ وقت ٻٽي شهريت جي ڄاڻ نه گهري ويندي آهي.

رجسٽرار آفيس وڌيڪ چيو ته جسٽس اطهر من الله 6 ججز جي خط تي پاڻمرادو ڪيس جي ڪارروائي ۾ انهي ڳالهه کي چٽو ڪيو ته جسٽس بابر ستار جي گرين ڪارڊ جي معاملي تي سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڳالهيون ٿيون آهن، سپريم جوڊيشل ڪونسل مشاورت ۽ غور ڪرڻ کان پوءِ جسٽس بابت ستار کي بطور جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو رڪارڊ نٿي رکي. هاءِ ڪورٽ جي پريس ريليز ۾ وضاحت ڪئي وئي هئي ته جسٽس بابر ستار  ان وقت جي چيف جسٽس کي ٻڌايو هو ته هو گرين ڪارڊ رکندڙ آهي.

سينيٽر فيصل واوڊا جسٽس بابر ستار طرفان مقرري کان اڳ گرين ڪارڊ هولڊر هجڻ بابت ڄاڻ ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں