29

عمران خان جو مستقبل خطري ۾ آهي، هو فائدي بجاءِ نقصان ۾ ويندو: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سينئر نائب صدر منظور وساڻ پي ٽي آءِ باني جي مستقبل بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته عمران خان جو مستقبل هن وقت خطري هيٺ آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو مستقبل هن وقت خطري ۾ آهي ۽ ان جي پريشانين ۾ في الحال ڪابه گهٽتائي نه ايندي، هو فائدي جي بجاءِ نقصان ۾ ويندو.

منظور وساڻ شير افضل مروت بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان ۽ شير افضل مروت جي پاڻ ۾ دشمني آهي، عمران خان جي چوڻ تي ئي اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. هو محسوس ڪرائڻ چاهي ٿو ته هو سعودي عرب جي خلاف نه آهي ۽ جيڪو به اڳواڻ سعودي جي خلاف ڳالهائيندو انهي کي شير افضل مروت جيان پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي.

منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان بنجڻ کان هينئر تائين ڪنهن به وفاقي حڪومت مدو پورو ناهي ڪيو ٿي سگهي ٿو ته شهباز شريف 5 سال مڪمل ڪري جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں