20

نيب ترميم ڪالعدم ڪيس: عمران خان وڊيو لنڪ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميم ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

رپورٽ موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن.

عمران خان کي آسماني ڪلر جي قميص پاتل آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو، وڪيل خواجه حارث به روسٽرم تي اچي ويو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خواجه حارث  سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان اصل ڪيس  ۾ وڪيل هو، اوهان جي نه اچڻ تي مايوسي هئي، اسان اوهان جي موقف کي به ٻڌڻ چاهينداسين ڇا بطور وڪيل جي طور تي اوهان فيس جو بل جمع ڪرايو؟ جنهن تي وڪيل خواجه حارث جواب ڏنو ته مون کي فيس نه گهرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان سمورن وڪيلن کان سينئر آهيو.

جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ترميم جو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مخدوم علي خان اوهان وڏي آواز ۾ دليل ڏيو ته جيئن وڊيو لنڪ تي  موجود پي ٽي آءِ باني به اوهان جو آواز ٻڌي سگهي.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ٿي،  وفاقي حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته جي ها انهي کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ويو هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ مان نيب ترميم خلاف ڪيس جو مڪمل رڪارڊ گهرائي وٺو.

چيف جسٽس خواجه حارث کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان هن ڪيس ۾ وڪالت ڪندو؟ وڪيل ٻڌايو ته جي مان عدالت جي مدد ڪندس، جنهن کان پوءِ عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ نيب ترميم ڪيس تي ٿيل ٻڌڻي جو حڪم نامو طلب ڪري ورتو.

حڪومتي وڪيل مخدوم علي خان دليل جاري رکندي ٻڌايو ته جولاءِ 2022 تي نيب ترميم جي خلاف پهرين ٻڌڻي ٿي، جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ٽوٽل ڪيتريون ٻڌڻيون ٿيون آهن؟ وڪيل چيو ته ٽوٽل 53 ٻڌڻيون ٿيون آهن.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايتري ڊگهي وقت تائين ڪيس ڇو هلايو ويو؟ ڇا اوهان انهي ڪيس کي ڊيگهه ڏني. جنهن تي وڪيل مخدوم مخدوم علي خان جواب ڏنو ته وڌيڪ وقت دليلن ۾ درخواستگذار ورتو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 1999 ۾ نيب قانون ٺاهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو هو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته مارشل لا جي فوري بعد هڪ مهيني اندر نيب قانون بڻجي ويو هو. چيف جسٽس حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته اها ته عجيب ڳالهه آهي ته نيب ترميم ڪيس 53 ٻڌڻين تائين هليو ويو.

ياد رهي ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ تقريبن 9 مهينن کان جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان قومي احتساب بيورو(نيب) قانون ۾ ترميم بابت ڪيس ۾ بطور درخواستگذار وڊيو لنڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ تيار هو جڏهن ته جيل اختيارين ان جي پيشي جا انتظام به مڪمل ڪري ورتا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں