83

وفاقي حڪومت هر صورت ۾ عوام کي سستو اٽو فراهم ڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي ڪنهن به ڏکيائي ۾ نه ٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت تي اٽو فراهم ڪندي.صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا مقرر ڪيل هدف پورا نه ٿيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي ڪنهن به ڏکيائي ۾ نه ٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ اگهه تي اٽو فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته اٽي جي ڪا به کوٽ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي حڪومت پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ صوبن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں