28

سپريم ڪورٽ مان عمران خان جي تصوير وائرل، جاچ شروع

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ انتظاميه عمران خان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب ترميم ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پيشي ٿي جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ انتظاميه تصوير وائرل ٿيڻ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا ڏسي تصوير وائرل ڪندڙن جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته تصوير ڪورٽ روم رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي ورتي وئي آهي ۽ پوليس تصوير کي وائرل ڪندڙن جي خلاف ايڪشن کڻندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو جو سائز گهٽ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں