18

ڪچي ۾ آپريشن لاءِ خانگي فورس قائم، سرڪاري هٿيار ورهايا ويا: ذريعا

ڪراچي :سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداران پاران آپريشن ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ خانگي فورس ٺاهي وئي آهي، اهڙن ماڻهن کي سرڪاري هٿيار به ڏنا ويا آهن.

ذريعن موجب خانگي فورس ۾ ڌانڌو، ڀٽا، سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري جا ماڻهو شامل آهن جن کي هڪ فورس بڻايو ويو آهي.

ٻئي پاسي ڪشمور جي گيهلپور جي ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس 4 شڪي ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن.

هن علائقي ۾ پوليس پاران شر ۽ ڪوش گينگ خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں