24

سنڌ ۾ گرمي وڌڻ سان وبائي مرض پکڙجي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ گرمي وڌڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن.

گرمي وڌڻ کانپوءِ بيمارين ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ اسپتالن ۾ مريضن جو انگ وڌي ويو آهي.

مختلف شهرن ۾ گيسٽرو جي مريضن ۾ انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

ميرپورخاص، شڪارپور، خيرپور، بخشاپور، نصيرآباد، ڪي اين شاهه، اڏيرو لال، ٺارو شاهه، تلهار ۽ ٻين شهرين ۾ گيسٽرو جا مريض اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن.

ٻئي پاسي صحت کاتي خاص طور تي گيسٽرو جي مرض تي ضابطي لاءِ جوڳا اپاءَ ناهن ورتا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں