بشڪيڪ: ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ مقامي ماڻهن جي مڇريل هجومن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا، 3 پاڪستاني شاگرد مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.
مڇريل مقامي ماڻهن بشڪيڪ جي هاسٽلز ۽ نجي رهائشگاهن تي چڙهائي ڪري پاڪستاني ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن تي حملا ڪيا، ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاسٽلز جي ڪمرن ۽ نجي رهائشگاهن ۾ محصور بڻيل، ڪرغز پوليس پاران صورتحال تي ضابطي جون ڪوششون.
پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم شاگردن جي مارجي وڃڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني شاگرد زخمي ٿيا آهن، پاڪستاني سفير پاران شاگردن کي رهائشگاهن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي.
حسن ضيغم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، بشڪڪ ۾ ڦاٿل پاڪستانين پاران حڪومت کي بشڪيڪ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مدد جون اپيلون ڪيون.