44

سنڌ جو موسم گرم رهندو، پنجاب ۾ پارو 45 تائين پهچڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گرمي پد 45 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي. 

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سڀاڻي کان هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. گرمي پد لاڳيتو وڌڻ ۽ ايندڙ 19 ڏينهن جي دوران 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي وڃڻ جو امڪان آهي. لاهور ۾ به گرمي پد 48 جڏهن ته نوابشاهه ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي  وئي آهي.

ان کان علاوه جون جي پهرين هفتي ۾ گرمي جي لهر ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پر ڪراچي ۾ گرمي پد ملڪ جي ٻين شهرن جي مقابلي ۾ بهتر رهندو جتي گرمي پد 36 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں