32

افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو، هزارين ماڻهن جي لڏ پلاڻ

ڪابل: افغانستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. فوتين جو انگ 70 تائين پهچي ويو، جڏهن ته هزارين ماڻهن جا گهر به تباهه ٿي ويا آهن.

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي افغانستان ۾ اترين ۽ اوڀرين علائقن ۾ تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي. صوبي غور ۽ فارياب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 70 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي گم آهن.

صوبي جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڊپارٽمينٽ هنگامي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻوڏ صورتحال سبب هزارين شهرين لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هڪ افغان شهري ٻڌايو ته خوفناڪ ٻوڏ سبب سڀ ڪجهه لڙهي ويو، مان ۽ منهنجو خاندان اختيارين طرفان مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان اعلان ٿيڻ کان پوءِ گهر ڇڏي حفاظتي هنڌ طرف لڏ پلاڻ ڪري ويا آهيون. ٻوڏ دوران سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں