33

ڊيمن جي تعمير ۾ اربين روپين جي بي ضابطگين ۽ غيرقانوني خرچن جو انڪشاف

اسلام آباد: بلوچستان ۾ ڊيمن جي تعمير ۾ 2 ارب 4 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي مالي بي ضابطگين ۽ غيرقانوني خرچن جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽن موجب صوبي ۾ 100 ننڍن ڊيمن جي تعمير لاءِ وڏي رقم جي استعمال ۽ وسيلن جي ضايع ٿيڻ کان پوءِ خصوصي طور تي آڊٽ ڪرايو ويو.

خصوصي آڊٽ رپورٽ موجب هڪ سئو ڊيمن مان 28 ڊيمن تي تعمير جو ڪم 2018 جي بجاءِ 2021 ۾ مڪمل ٿيو. 4 سالن جي دير سبب ڊيمن جي لاڳت ۾ 26 ڪروڙ 10 لک روپين جو اضافو ٿيو ۽ دير سبب پروجيڪٽ امپليمينيشن يونٽ ۽ سپر ويزن خرچن ۾ 13 ڪروڙ 26 لکن جو اضافو ٿيو.

آڊٽ رپورٽ موجب ٺيڪيدارن کان سيڪيورٽي جي مد ۾ 12 ڪروڙ روپين جي ڪٽوتي نه ڪئي وئي جڏهن ته انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ٺيڪيدارن کان 99 لک روپيه گهٽ ڪاٽيا ويا. نان شيڊولڊ ريٽس جي مد ۾ 11 ڪروڙ 26 لک روپين جون اضافي ادائگيون ڪيون ويون.

رپورٽ موجب ڪمپيڪشن ٽيسٽ جي مد ۾ 95 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائڻ کان سواءِ 15 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو.

ان کان علاوه مٽيءَ ڪڍڻ جي لاءِ ڇپن کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي مد ۾ 13 ڪروڙ 18 لک روپين جا غير ضروري خرچ ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں