27

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي

اسلام آباد:  نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي ٿي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن تي تشد کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ شاگردن جي ملڪ واپسي جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ امير مقام کي فوري طور تي بشڪيڪ پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ذريعن موجب اسحاق ڊار ۽ امير مقام اڄ لاهور کان بشڪيڪ روانو ٿيڻا هئا پر اوچتو ٻنهي جو دورو ملتوي ٿي ويو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ امير مقام ڪجهه دير بعد وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندا.

نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ لاڳاپيل اختيارين سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون ۽ ڪرغز اختيارين سان گڏ پاڪستاني شاگردن جي سيڪيورٽي ۽ زخمين کي علاج جي سهولتن بابت ڳالهيون به ڪرڻيون هيون.

ياد رهي ته ڪرغزستان ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نشانو بنايو هو جنهن سبب اتي موجود پاڪستاني شاگرد خوف حراس جو شڪار آهن جنهن سبب هو لڪي رهڻ تي مجبور آهن.

گذريل ڏينهن 30 شاگردن سميت 140 پاڪستانين کي وٺي پرڏيهي اڏام بشڪيڪ مان لاهور پهتي هئي جڏهن ته اڄ به هڪ اڏام کي پاڪستاني شاگردن کي کڻي اچڻو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں