23

سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد هڪ دفعو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد هڪ دفعو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته ڪهڙي پليٽ فارم تان سياسي ڪردار ادا ڪرڻو آهي ان جو فيصلو اڃان نه ڪيو ويو آهي. اهڙي پليٽ فارم جي سخت ضرورت آهي جنهن ۾ باصلاحيت قيادت مسئلن جو حل ڳولا ڪري.

عشرت العباد چيو ته اڄ جي منظر نامي ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ ۾ ڇڪتان آهي. اسان جي عدليه، پارليامينٽ ۽ فوج ملڪ جا اهم ٿنڀا آهن، اهو تاثر پيدا نه ٿيڻ گهرجي ته ملڪ جي اهم ادارن ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ آهي.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته اهڙين حالتن ۾ صدر هائوس جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي. صدر پاڪستان رياست جو آئيني سربراهه ۽ رياست جي اتحاد جي علامت آهي، ايوان صدر پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ۽ ادارن وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهميون ختم ڪرائي.

عشرت العباد چيو ته منهنجي ايم ڪيو ايم لنڊن طرف وڃڻ جو تاثر غلط  ۽ پروپيگنڊا آهي. 2015 ۾ ايم ڪيو ايم باني خاص طور تي منهنجي پارٽي مون کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو جنهن کان پوءِ مان انهن کان لاتعلق ٿي ويس.

هن چيو ته پنهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن کان واقف آهيان منهنجي خلاف غلط فهميون ۽ وسوسا پکيڙيندڙ احتياط ڪن، ياد رهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد 14 سالن تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ڊاڪٽر عشرت العباد سان تازو ئي اڳوڻن ليگي اڳواڻن شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل به ملاقاتون ڪيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں