39

ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان

لاهور:ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.

وفاقي حڪومت ڪيترن ئي معاشي چيلنجز وچ ۾ مالي سال 2024-25 جي لاءِ پنهنجي پهرين بجيٽ جو اعلان جون ۾ ڪيو ويندو.

سالياني بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پر حتمي فيصلو حڪومتون، ناڻي واري وزارت جي سفارشن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. جيڪڏهن  سالياني بجيٽ ۾ اهو اضافو منظور ٿيو ته جولاءِ 2024  کان لاڳو ڪيو ويندو.

ٻئي طرف آءِ ايم ايف طرفان وفاقي حڪومت کان سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ مراعتن بابت قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں