32

ڪرغزستان کان ملڪ واپس ايندڙ پاڪستاني شاگردن تشدد ۽ مارڪٽ جي داستان ٻڌائي ڇڏي

لاهور: ڪرغزستان کان لاهور ايئرپورٽ پهچندڙ پاڪستاني شاگردن تشدد ۽ مارڪٽ جي داستان ٻڌائي ڇڏي.

ياد رهي ته گذريل رات ڪرغزستان ۾ حملن کان پوءِ پاڪستاني شاگردن جي روانگي شروع ٿي هئي، رات 12 وڳي کان پوءِ پهرين اڏام 140 پاڪستاني شاگردن سميت 180 مسافرن کي کڻي لاهور پهتي هئي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر نالي شاگرد ٻڌايو ته مقامي ماڻهن جي وڏي انگ پاڪستاني ۽ ڀارتين جي هاسٽلز ٻاهران جمع  ٿيڻ شروع ٿيا ٽڪ ٽاڪ تي لائيو وڊيو به هلائي وئي، ڪرسيون، ڪلپس، ٺونشن ۽ لتن سان تشدد جو نشانو بنايو ويو.

شاهزيب نالي  شاگرد ٻڌايو ته جڏهن صورتحال بي قابو ٿي ته مان پنهنجي دوستن سان گڏ فليٽ ۾ لڪل هئس، هن ٻڌايو ته بشڪيڪ ۾ مصري ماڻهن هڪ جهيڙي دوران مقامي ماڻهن کي مارڪٽ جو نشانو بنايو هو. جهيڙي دوران وڊيو به ٺاهي وئي، مصري  ڇوڪرن اها وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي هئي. وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلو ڪرڻ کان پوءِ فساد شروع ٿي ويا.

شاهزيب ٻڌايو ته اتان جا مقامي ٽرانسپورٽر به پرڏيهي شاگردن تي تشدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميه به ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. شاگرد وڌيڪ چيو ته ڪابه جڳهه محفوظ نه آهي، روڊن تي به ڳولي ڳولي شاگردن کي مارڪٽ جو نشانو بنايو پيو وڃي. اتان جي مقامي پوليس به تعاون نه پئي ڪري، پوليس واقعي جي 2 کان 3 ڪلاڪن کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهتي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاگرد شاهزيب چيو ته اسان واپسي جي لاءِ پنهنجون ٽڪيٽون پاڻ بڪ ڪرايون هيون. پاڪستاني سفارتخاني جو انهي ۾ ڪوبه عمل دخل نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان پنهنجي مدد پاڻ تحت واپس آيا آهيون، ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جو انگ تقريبن 10 هزار آهي، جن مان وڏو انگ هن وقت مشڪل صورتحال ۾ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں