27

مريم نواز پنهنجي حقيقي عمر ٻڌائي ڇڏي

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي عمر بابت بحث ٿيندو رهندو آهي پر هاڻ هن پاڻ ئي پنهنجي حقيقي عمر ٻڌائي ڇڏي.
مريم نواز جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي عمر ٻڌائي رهي آهي.
وزيراعليٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ مريم نواز صوبي جي مختلف اسپتالن ۽ سرڪاري آفيسن جا دورا ڪيا هئا.
مريم نواز ان دوران مريضن سان به ملي هئي، وزيراعليٰ جي ملاقات هڪ اهڙي عورت مريض سان ٿي، جنهن جي عمر 50 سال هئي ۽ ان کي دل جو دورو پيو هو.
ان عورت کان حال احوال وٺندي مريم سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته منهنجي عمر به 50 سال آهي.
مريم نواز جي اها پراڻي مختصر وڊيو آهي، جيڪا وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي ماڻهو مختلف قسمن جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن شڪر آهي ان بهاني مريم نواز جي عمر جو اندازو ته ٿيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں