76

عمران خان 20 مئي تي لانگ مارچ جو سڏ ڏيندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان 20 مئي تي لانگ مارچ جو سڏ ڏيندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت کان ملڪ نه پيو هلي، 48 ڪلاڪن ۾ فيصلا ڪري وٺن،هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 31 مئي تائين اهم فيصلا ٿي ويندا، سڄي قوم جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اليڪشن ڪرائي وڃي، هن چيو ته هاڻي نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ سان ڪير روڪي رهيو آهي، جنهن جهاز ۾ نواز شريف ايندو، ان ۾ چور ۽ غدار جا نعرا لڳندا، شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جنهن جهاز ۾ ايندو، ان مان ٻيا مسافر لهي ويندا، آصف زرداري نواز شريف کان بدلو ورتو آهي، هن چيو ته عمران خان سان گڏ آهيان، عمران خان خلاف ماسٽر پلان ٺاهيندڙ عقل جو انڌو هو، ڇو ته پلان ٺاهيندڙن کي اها خبر نه هئي ته عمران خان ايترو مقبول ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں