32

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت

تهران: ايران جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير هيليڪاپٽر حادثي  ۾ فوت ٿي ويا آهن.

ايراني اهلڪارن برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي سان ڳالهين ۾ چيو ته حادثي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سميت ٻيا به ڪجهه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ان کان اڳ ايران ۾ هلال احمر جي سربراهه سرڪاري ٽي وي سان ڳالهين ۾ چيو هو ته صورتحال اڻوڻندڙ آهي. امدادي ٽيمون ڪجهه دير ۾ حادثي واري جڳهه تي پهچي وينديون. صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي جي هنڌ تي زندگي جا ڪي به آثار نه آهن.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي  هڪ ايراني اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو ته هيليڪاپٽر پوري طرح سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. گذريل ڏينهن حادثي جو شڪار ٿيندڙ هيليڪاپٽر ۾ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبدالنهيان سوار هئا. ايراني صدر آذربائيجان ۾ ڊيم جي افتتاح کان پوءِ واپس اچي رهيو هو ته ان جو هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو.

رپورٽن موجب ايراني صدر جي هيليڪاپٽر کي خراب موسم سبب جابلو علائقي ۾ حادثو پيش آيو هو.

ايراني اختيارين موجب ڪجهه لاش سڙي خاڪ ٿيڻ سبب سڃاڻپ جي قابل نه رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں