23

ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو امڪان، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ملتوي

ڪراچي: ڪراچي ۾ امڪاني هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.

ثانوي تعليمي بورڊ جي اعلان موجب 21 کان 27 مئي وچ ۾ ميٽرڪ بورڊ جا پرچا نه ٿيندا جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي جي وزير جي حڪم تي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ ميٽرڪ بورڊ جا امتحان 29 مئي کان شيڊول موجب ٿيندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ انٽرميڊيٽ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا هئا. هاڻ انٽر جا امتحان 22 مئي جي بجاِ 27 مئي کان شروع ٿيندا.

ياد رهي ته پنجاب ۽ سنڌ جا ميداني علائقا هن وقت سخت گرمي هيٺ آهن، موسميات کاتي طرفان هيٽ ويو جو الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں