30

ميرپورٻرڙو ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورٻرڙو:ميرپورٻرڙو ڀرسان ڳوٺ صالح ڪس چانڊاڻ ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ احسان ٻرڙو پنھجي نوجوان گهر واري 18 ورهين جي فريده کي پنھجي ڀاءُ وھاب ٻرڙو سان گڏجي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ آيل  نوجوان زاھد پٽ سونو  ٻرڙو مٿان به هٿيار جا منهن کولي ڇڏيا ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا، جتي نوجوان زخمن جا سور نہ سهندي فوت ٿي ويو

ميرپور ٻرڙو پوليس جوابدرن کي گرفتار نہ ڪري سگهي نہ ئي وري ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں