69

مدئجي ڀرسان 7 ورهين جي معصوم نينگر جو لاش مڇيءَ جي تلاءَ مان هٿ

مدئجي:مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙي جاکري ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگر شيراز جکرو جو لاش مڇي جي تلاء مان هٿ ڪيو ويو آھي. ڳوٺاڻن پاران مڇي جي تلاءَ مان معصوم نينگر جو لاش ڪڍي ورتو آھي، معصوم نينگر جو لاش تلاءَ مان هٿ اچڻ بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آھي.

ان موقعي تي معصوم نينگر جي وارثن ٻڌايو ته نينگر صبح کان گم هو،جنهن جي گهڻي ڳولا ڪئي پر سندس لاش هٿ نه اچي سگهيو هو جنهن کان پوءِ گهر ڀرسان مڇي جي تلاءَ مان نينگر جو لاش ھٿ آيو آھي. هوڏانهن معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي والدين کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں