71

شڪارپور ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ

شڪارپور: شڪارپور ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي. مختلف ٿاڻي جي حد ۾ قبائلي تڪرار ۾ ملوث مارفاڻي ۽ مهر برادري جي گرفتارين لاءِ قبيلائي جهيڙي ۾ مهر برادري جي شاگرد ۽ ڊي ايس آر پاڪستان رينجرز جي قتل ۾ ملوث ڳوٺ کنڊ مارفاڻي جي رهواسين شهباز مارفاڻي، وسايو مارفاڻي ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي-

ٻيو آپريشن گذريل ڏينھن کان ڊکڻ ناڪا تي مارفاڻي برادري جي قتل ۾ ملوث مهر برادري جي نبي داد مهر، صدام مهر، فدا مهر ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪيو ويو.- پوليس جي دستي ڏوهارين جي ٺڪاڻن ڏانهن اڳڀرائي کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي مارفاڻي گينگ ۽ مهر برادري جا ٿاڪ تباھ ڪيا ويا آهن. پوليس جا دستا، جديد هٿيارن، بڪتربند گاڏين، جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد معلومات جي مدد سان آپريشن جاري آهي.- فرار ٿيلن ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. – ڪنهن به قبيلي جا ڏوهاري عنصر، چاهي اهي ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، سختي سان ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں