30

لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران نوجوان فوت، وارثن ساهورن مٿان زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ 30 ورهين جو نوجوان چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج دوران فوت، وارثن مائٽن کاڌي ۾ زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ دولت کهڙو واسي 30 ورهين جي نوجوان محمد بخش پٽ ميانداد جتوئي جي طبيعت خراب ٿيڻ تي وارثن کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو جنهن تي وارثن پنهنجي ئي مائٽن مٿان نوجوان کي کاڌي ۾ زهر ڏئي مارڻ جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ ميانداد جتوئي الزام لڳائيندي چيو ته منهنجي پٽ کي سهري جي ڀاءُ خادم حسين جتوئي سندس پٽ پيارل جتوئي ڪالھه شام جو پنهنجي گهر گهرائي رات جي مانيءَ ۾ زهر ڏنو بعد ۾ پٽ جيئن گهر پهتو ته سندس جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کي گذريل رات چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو جنهن جا موت جا ذميوار خادم حسين جتوئي ۽ پيارل جتوئي وارا آهن جن پٽ کي کاڌي ۾ زهر ڏئي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. وس وارا نوٽيس وٺي پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ملوث مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري پٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن وارثن، طرفان نوجوان کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي الزام کان پوءِ پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں