97

ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير جا مڙهه هيليڪاپٽر جي ملبي مان ملي ويا

تهران: هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي  جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

ايراني هلال احمر ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير جا مڙهه هيليڪاپٽر مان ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ايراني هلال احمر چيو آهي ته لاشن کي تبريز منتقل ڪيو ويندو ايراني اختيارين موجب لاش سڙي خاڪ ٿي وڃڻ سبب سڃاڻپ جي قابل نه رهيا آهن.

صدر ابراهيم رئيسي ڊيم جي افتتاح کان پوءِ واپس تبريز ويندي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. هيليڪاپٽر ۾ تبريز جو گورنر ۽ ٻيون اختياريون به سوار هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں